امپورٽڊ حڪومت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي: عمران خان

news-details

لاهور: (سومر: 19 ڊسمبر 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽيڊ سرڪار دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته امپورٽيڊ حڪومت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي شرح ۾ 50 سيڪڙو واڌ کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. چمن مان سوات، لکي مروت ۽ بنون تائين پيش ايندڙ واقعا ان جو ثبوت آهن.
هن چيو ته اها امپورٽيڊ حڪومت پاڪ افغان سرحد تي ڪيل حملن جي تدارڪ ۾ به ناڪام ٿي آهي. اسان جا فوجي جوان، پوليس اهلڪار ۽ مقامي ماڻهو روزاني جي بنياد تي پنهنجي حياتين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن پر دهشتگردي جا خطرا وڌي وڃڻ باوجود ڏوهارين جي سرڪار بيان به جاري ناهي ڪيو.
عمران خان وڌيڪ چيو ته هنن جون سموريون طاقتون اين آر او 2 ۽ ان جي تحفظ جي مٿان آهي. معيشت جي زبون حالي باوجود چونڊون سياسي استحڪام ذريعي معيشت کي مضبوط ڪرڻ جو واحد حل آهن هي چونڊون ڪرائڻ کان ڊڄي رهيا آهن.