حڪمرانن جون ڪراچي کان اسلام آباد تائين ڊوڙون لڳرايون آهن: فواد چوڌري

news-details

اسلام آباد: (سومر: 19 ڊسمبر 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اسان حڪمرانن کي ڪراچي کان اسلام آباد تائين هلائي ڇڏيو آهي.
اهڙو اظهار فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڪيو آهي.
سندس چوڻ آهي ته پي ٽي ايم جوتن کانسواءِ اليڪشن کان ڀڄي رهي آهي.
فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته شڪست ڏسي وفاقي حڪومت يونين ڪائونسلن جا انگ تبديل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي رهي آهي.
هن اهو به چيو ته يونين ڪائونسلن جا انگ تبديل ڪرڻ جو پروگرام رڳو چونڊن کي روڪڻ آهي.