سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، قومي ادارن جي رپورٽ

news-details

اسلام آباد: (سومر: 19 ڊسمبر 2022ع) قومي ادارن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪائونٽر ٽيررازم ڊيپارٽمنٽ (سي ٽي ڊي) خيبرپختونخوا دهشتگردي جو مقابلو نٿو ڪري سگهي ۽ صوبي ۾ دهشتگردي جا وڌندڙ حملا نٿو روڪي سگهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا مسئلن جو ڳڙ بڻجي ويو آهي، ماڻهون ۽ وسيلا موجود نه آهن، قومي ادارن سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا جي نئين سر تنظيم ڪاري ۽ وسيلن جي فراهمي توڙي سکيا لاءِ قدم کڻڻ جي سفارش ڪندي چيو ته ڪي پي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام ممڪن ناهي.
رپورٽ موجب خيبرپختونخوا ۾ پي ايس پي رينڪ جي سينيئر آفيسرن جي سخت کوٽ آهي، ايس ايس پي پوسٽ جو رڳو هڪ آفيسر ڊي آءِ جي طور ڪم ڪري رهيو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ سي ٽي ڊي پنجاب وٽ 15 کان 18 ايس ايس پي رينڪ جا آفيسر ۽ ٻه ڊي آءِ جي آهن، هڪ سال دوران پنجاب ۾ دهشتگردي جا ٽي واقعا ٿيا جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جا ٽي سئو واقعا ٿيا ۽ وڏو جاني نقصان ٿيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخوا ۽ عمران خان جي وزارت اعظميٰ دوران ڪيئي دفعا قومي ادارن خبردار ڪيو هو پر هر هر خاطري باوجود ان سلسلي ۾ ڪو به عملدرآمد نه ڪيو ويو، سي ٽي ڊي وٽ ” ريوارڊ فنڊ “ ۾ 27 ڪروڙ 60 لک رُپين جي رقم موجود آهي جڏهن ته سي ٽي ڊي ڪي پي وي وٽ اڍائي ڪروڙ رپيا آهن ۽ سي ڊي ڊي شهيدا پئڪيج پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 150 سيڪڙو جو فرق آهي.
قومي ادارن جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ سي ڊي ٽي کي ڪي به مراعتون حاصل ناهن، خيبرپختونخوا ۾ شهيدا پئڪيج لاءِ به مناسب رقم موجود ناهي، سي ڊي ٽي پنجاب ۽ سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا جي پگهارن ۾ 70 سيڪڙو جو فرق آهي، سي ٽي ڊي ڪي پي جي اهلڪارن جي رهائش جو به ڪو بندوبست ناهي.