حڪومت جو پيٽروليم اگهن بابت وڏو فيصلو

news-details

اسلام آباد: (سومر: 19 ڊسمبر 2022ع) حڪومت ايندڙ مهيني تيل جي اگهن ۾ گهٽيائي جو عوام کي مڪمل رليف نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڊيزل تي في ليٽر 50 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جو معاهدو آهي، جنهن تحت ايندڙ 2 مهينن ۾ ڊيزل تي 20 رپيا في ليڊر وڌيڪ پيٽروليم ليوي وڌائي ويندي. جڏهن ته ليوي وڌائڻ سان ٽئڪس اوڳاڙي هدف حاضل نه ٿيو ته سيلز ٽئڪس لڳايو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف طرفان ٽئڪس اوڳاڙي وڌائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري في ليٽر ڊيزل تي مڪمل رليف ڏيڻ بدران گهٽ رليف ڏنو ويندو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف ٽئڪس ٽي جي ڊي پي شرح وڌائڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.