قاتلاڻي حملي جي جاچ، نوٽيس باوجود عمران خان بيان رڪارڊ نه ڪرايو

news-details

لاهور: (سومر: 19 ڊسمبر 2022ع) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي وزير آباد ۾ قاتلاڻي حملي جي جاچ جاري آهي.
پوليس ذريعن موجب نوٽيس باوجود عمران خان اڃا تائين گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) آڏو بيان رڪارڊ ناهي ڪرايو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فارنزڪ ٽيسٽ کانپوءِ خبر پوندي ته ڪهڙي لباس تي ڪنهن جي رت هئي؟
جي آءِ ٽي ڪنوينر غلام محمد ڊوگر ميمبرن سان گڏ حملي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ چوڌاري ڇتن جو ٻيهر تفصيلي معائنو ڪيو.
هن اکين ڏٺن شاهدن، زخمين جي ميڊيڪوليگل ۽ معظم گوندل جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن.