پرويز الاهي جي بيان کانپوءِ آصف زرداري جو شهباز شريف کي اهم مشورو

news-details

لاهور: (سومر: 19 ڊسمبر 2022ع) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي انٽرويو ۾عمران خان بابت بيان کانپوءِ آصف زرداري شهباز شريف کي اهم مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نواز ليگ کانسواءِ اتحادي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو تازو انٽرويو موضوع جو بحث رهيو.
جڏهن ته پرويز الاهي جي انٽرويو کانپوءِ پنجاب جي سياسي صورتحال تبديل ٿي وئي.
اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف شرڪت ڪندڙن کي گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ چوڌري شجاعت حسين سان ٿيندڙ ملاقات بابت آگاهه ڪيو.
ميڊيا رپورٽس موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري شهباز شريف کي پرويز الاهي جي تازي انٽرويو بابت ٻڌايو ته ”انتظار ڪريو ۽ ڏسو“ واري پاليسي اختيار ڪريو.
اجلاس ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته پرويز الاهي تحريڪ انصاف سان گڏ پنهنجي پوزيشن واضح ڪندو ته اتحادي جماعتون ان تي غور ڪنديون. ٻئي پاسي چوڌري شجاعت حسين به پرويز الاهي سان ڳالهائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو.
رپورٽ موجب پنجاب جي سياسي صورتحال جي حوالي سان ايندڙ 48 ڪلاڪ انتهائي اهم آهن.
اجلاس جي آخري موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن ڪنهن به صورت ڪنهن غير جمهوري حڪومت جو حصو نه بڻجندو.
ان کانسواءِ اجلاس ۾ اها تجويز به سامهون آئي ته گورنر ذريعي پنجاب جي وڏي وزير کان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ جو چيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف ان سان گڏ هدايت ڏني ته عمران خان جي خلاف جيڪي ڪيسز بڻايا ٿا وڃن ان ۾ تيزي آڻڻ گهرجي.