لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين توشا خانا مان ورتل سمورن تحفن جا تفصيل طلب

news-details

لاهور: (سومر: 19 ڊسمبر 2022ع) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين توشا خانا مان ورتل سمورن تحفن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاصم حفيظ شهري منير احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته توشه خانه مان ڪهڙين ڪهڙين شخصيتن ڪيترا تحفا حاصل ڪيا ۽ ڪيتري ادائيگي ڪئي، انهن جا تفصيل موجود ناهن تنهنڪري گذارش آهي ته 1947ع کان هنيئر تائين توشا خانا مان ڪنهن ڪنهن تحفا حاصل ڪيا؟ تفصيل فراهم ڪيا وڃن.
وفاقي سرڪار جي وڪيل درخواست جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته توشا خانا جا تحفا ڳجهي معلومات آهن ، تفصيل فراهم نٿا ڪري سگهجن.
ان تي عدالت چيو ته توشا خانا مان تحفا خريد ڪري ٽئڪس ريٽرنز ۾ ظاهر ڪرڻا پوندا آهن، جڏهن ٽئڪس ريٽرنز ۾ تحفا ظاهر ٿي ويا ته پوءِ ڳجها ڪيئن رهندا تنهنڪري تفصيل پيش ڪيو، اهو عدالت طئي ڪندي ته معلومات ڳجهي آهي يا نه.
ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 16 جنوري تي ٿيندي.