ڄامشورو ڀرسان اقليتي تماچي برادري جو بااثر بلڊر جي زيارتين خلاف احتجاج

news-details

ڄامشورو: (خميس: 22 ڊسمبر 2022ع) ڄامشوري جي ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ جي ڀرسان ويٺل اقليتي تماچي برادري جي جي هڪ عورت فوت ٿي وئي، جنهن جو لاش کڻي قبرستان پهتا جتي بلڊر کين لاش دفنائڻ کان روڪي ورتو ۽ بلڊر جي ماڻھن ڪانڌين مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ڪانڌين ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ متاثر لاش واپس تماچي ڳوٺ کڻي ويا ۽ متاثر وڏيري لونگ خان تماچي، نبن تماچي، عمران تماچي، دادن تماچي ۽ ٻين ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته ڳوٺ چاڪي خان راڄڙ جي ڀرسان اسان جي اڌ برادري رهائش پذير آهي، اسان جو اتي قديمي قبرستان آهي، جنهن تي هن وقت بااثر بلڊر سني ڀٽي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو اسان جي قبرستان تي قبضو ڪري رھائشي اسڪيم ٺاهي اتي پلاٽ وڪرو ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي قبرستان تي قبضو ڪري رهيو آهي، قبرستان ۾ اسان ننڍن ٻارڙن کي پوريندا آهيون، جڏهن ته وڏن جي لاشن کي ان قبرستان ۾ ساڙيندا آهيون اتي شمشان گهاٽ به موجود آهي. اڄ اسان جي 65 سالا پيرسن دولهاري فوت ٿي وئي ان جو لاش کڻي قبرستان وياسين ته بااثر بلڊر سني ڀٽي جي سيڪيورٽي گارڊن اسان مٿان فائرنگ ڪري ڏني، اسان سر بچائي نڪتا آهيون ۽ اسان لاش کڻي گهر پهتا آهيون هن وقت هتي دانهي رهيا آهيون ته قبرستان تان قبضو ختم ڪري اسان کي اتي وڃڻ ڏنو وڃي.
هنن ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي سي ڄامشورو، ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اسان جي قبرستان تان قبضو ختم ڪرائي لاشدفنائڻ ڏنو وڃي.
مسلسل 15 ڪلاڪن تائين ضلعي اختيارين پاران ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو، جنهن بعد متاثرين پيرسن عورت جو لاش مزده گاڏي۾ کڻي لمس يونيورسٽي جي مک گيٽ وٽ پهچي لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ انصاف لاءِ سخت نعريبازي ڪندا رهيا.
جڏهن ته ڌرڻي بعد ايس ايڇ او ڄامشورو حاڪم علي جلباڻي متاثرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ پوليس پهري هيٺ لاش کڻائي مذڪوره قبرستان ۾ پهتا جتي آخري رسمون ادا ڪيون ويون.