فارمولو ساڳيو هوندو آهي پوءِ دوائون مهانگيون ۽ سستيون ڇو آهن؟

news-details

ڪراچي: (جمعو: 30 ڊسمبر 2022ع) جڏهن هڪ ئي فارمولي جي مهانگي دوا ۽ ساڳئي فارمولي جي سستي دوا به ملي ٿي ته پوءِ ماڻهو کي مهاني دوا وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
ڇا انهن ۾ ڪو فرق هوندو آهي؟
هي اهو سوال آهي جيڪو هر ان شخص جي ذهن ۾ ايندو آهي جيڪي هڪ ئي فارمولي جون سستيون ۽ مهانگيون دوائون ڏسندا يا استعمال ڪري چڪا هوندا آهن.
اڪثر ڪجهه ڊاڪٽر مهانگين دوائن جا نسخا لکي ڏيندا ته ڪي ڊاڪٽر وري پنهنجي علائقائي حساب سان نسخا لکي ڏيندا آهن، ڪڏهن ته ڪڏهن ته ڪنهن ڊاڪٽر جون لکيل دوائون انهن جي ئي اسٽور تان ملنديون آهن جيڪي ٻئي هنڌ موجود ئي ناهن هونديون، پر فارمولو ساڳيو ئي هوندو آهي.
ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو آهي ته سدائين سٺي ڪمپني جي دوا کي ئي ترجيح ڏجي ڇو ته ناميارا دوائن وارا ادارا سڌي ريت سٺي معيار جو مواد حاصل ڪندا آهن ۽ انهن ۾ ٺڳيءَ جا امڪان گهٽ هوندا آهن
جڏهن ته مختلف شهرن ۾ ڪجهه بازارن ۾ دوائن ۾ ٺڳي ڪئي وڃي ٿي.
هڪ اها راءِ به آهي ته سٺيون ڪمپنيون يورپ ۽ آمريڪا مان دوائن لاءِ مواد گهرائينديون آهن جن جو معيار سٺو هوندو آهي.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته دوائن ۾ ڪو فرق ناهي هوندو رڳو برينڊ جي ڪري مهانگيون ۽ سستيون ملنديون آهن.
ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته برينڊڊ ڪمپنيز جون دوائون جيڪي شيون ڄاڻائينديون آهن بلڪل دوا ۾ اهي ئي شيون هونديون آهن پر انهن جي ملندڙ جلندڙ نالن سان بازار ۾ ملندڙ دوائن جو معيار مختلف ٿي سگهي ٿو.
مهانگيون ڪمپنيون خرچ به گهڻا ڪنديون آهن، تحقيق ۽ معيار جي لاءِ چڪاس جو نظام به بهتر کان بهتر رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ لاڳت گهڻي اچڻ سبب انهن جا اگهه به وڌيڪ هوندا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ماڻهو چاهيندا آهن ته دوا سٺي برينڊ هجي.
خيال رهي ته ڪنهن اداري يا ڪنهن محقق هن سوال تي ڪو جواب ناهي ڏنو نه ڪنهن تحقيق ڪئي آهي.
ڪنهن به دوا يا برينڊ بابت پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ۽ نسخي سان خريد ڪئي وڃي.