خيبرپختونخواهه جي جيلن ۾ موجود قيدين ۾ ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس جو انڪشاف

news-details

پشاور: (خميس: 05 جنوري 2023ع) خيبرپختونخواهه جي جيلن ۾ موجود قيدين ۾ ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس جو انڪشاف ٿيو آهي.
خيبرپختونخواهه جي جيلن ۾ 196 قيدي ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا آهن جن مان 138 قيدي هيپاٽائيٽس سي جو شڪار آهن. 29 قيدي هيپاٽائيٽس بي، 25 ايڊيز ۽ 4 قيدي ٽي بي ۾ مبتلا آهن.
دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀني کان وڌيڪ 47 بيمار قيدي پشاور جي سينٽرل جيل ۾ آهن. دستاويز موجب خيبرپختونخواهه جي جيلن ۾ 13 هزار 76 قيدين جي گنجائش آهي ۽ هن وقت انهن جو انگ 14 هزار 3321 آهي. جيلن ۾ موجود قيدين مان صرف 2 هزار 897 سزا يافته آهن جڏهن ته 11 هزار 424 قيدي فيصلن جي اوسيئڙي ۾ آهن.
سپرنٽينڊنٽ سينٽرل جيل پشاور مقصود خان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته سينٽرل جيل پشاور جي اسپتال ۾ 124 مريضن جي گنجائش آهي، بيمار قيدين جي علاج لاءِ 2 عورت ڊاڪٽرن سميت 8 ڊاڪٽرز موجود آهن. مختلف بيمارين ۾ مبتلا قيدين کي دوائون ڏنيون پيون وڃن.
سپرنٽينڊنٽ جيل ٻڌايو ته جڏهن ضرورت پوندي آهي ته اسپيشلسٽ ڊاڪٽرز به جيل ايندا آهن. قيدين جي نفسياتي مرض جي علاج لاءِ جيل سائيڪاٽرسٽ به آهي.