news-details

ڪورونا جو سڀ کان وڌيڪ تيزيءَ سان پکڙجندڙ نئون قسم سامهون اچي ويو

اسلام آباد: (خميس: 05 جنوري 2023ع) سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ وبا ڪورونا وائرس جو سڀ کان تيزي سان پکڙجندڙ نئون قسم سامهون اچي ويو.
صحت جي عالمي اداري موجب اومي ڪرون جو ذيلي قسم ايڪس بي بي 1.5 ان وائرس جو هيل تائين سڀ کان وچڙندڙ قسم آهي.
پر ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته ظاهري طور اهو قسم ماڻهن کي وڌيڪ بيمار نٿو ڪري.
عالمي اداري جي ڪووڊ ڪميٽي جي سربراهه ماريا موجب اختياريون ڳڻتي ۾ آهن ته اومي ڪرون جو اهو ذيلي قسم ڪيتري تيزي سان اتر اوڀر آمريڪا ۾ پکڙجي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ هر ٻن هفتن ۾ ايڪس بي بي 1.5 جي ڪيسن جو انگ ٻيڻو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب اهو اتي سڀ کان وڌيڪ عام قسم بڻجي چڪو آهي، اهو اومي ڪرون جي سڀني ذيلي قسمن مان سڀ کان وڌيڪ تيزي سان پکڙجندڙ قسم آهي.