ميرپور ساڪرو: ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامهون ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

news-details

ميرپور ساڪرو: (آچر: 08 جنوري 2023ع) ساڪرو ڪيٽي بندر روڊ ٻھارا ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامهون زوردار ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ھڪ ڄڻو زخمي خبرموجب
ميرپور ساڪرو ڪيٽي بندر روڊ ٻھارا ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن جو آمھون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ حاجي محمد عمر سمون فوت ۽ عظيم جلباڻي زخمي ٿي پيو.
جڏهن ته فوتي کي شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر ميرپور ساڪرو آندو ويو، جتان زخمي کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
هوڏانهن فوتي جي لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جو تعلق ٻھارا سان آهي.