ٽڪ ٽاڪ جي نقل: ٽوئيٽر نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

news-details

ڪيليفورنيا: (اربع: 11 جنوري 2023ع) ٽڪ ٽاڪ جي الگورٿم تي جڙيل فاريوفيڊ جي نقل اڪثر سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ڪري رهيا آهن.
هاڻي ان ۾ ٽوئيٽر جي به واڌ ٿي آهي.
رپورٽ موجب ٽوئيٽر الگورٿم تي ٺهيل ٽائيم لائين ۽ ريورس ڪرونولوجيڪل تي ٺهيل هوم فيڊ جو فيچر ختم ڪندي الگورٿم فيڊ کي باءِ ڊيفالٽ فيڊ بڻائي ڇڏيوآهي.
ڪمپني پاران اعلان ڪيو ويو ته آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ سڀ کان پهريون نئين تبديلي متعارف ڪرائي پئي وڃي. هاڻي ايپل ڊيوائسز ۾ واهپيدارن لاءِ فاريو ۽ فالوونگ جي نالي سان ٻه ٽيبز نظر ايندا.
جڏهن ايپ کي اوپن ڪيو ويندو ته فاريو ٽيب ئي سڀ کان پهريون کلندي جنهن کانپوءِ واهپيدار جي مرضي هوندي ته هو ڪهڙي ٽيب تي اسڪرولنگ ڪرڻ پسند ڪندو.
فار يو فيڊ ۾ اهڙن اڪائونٽس جون ٽوئيٽس واهپيدارن جي سامهون اينديون جن کي هو فالو نه ڪندا هوندا. فالوونگ ٽيب ۾ اوهان جي سامهون انهن اڪائونٽس جون نڪور ٽوئيٽس اينديون جن کي توهان فالو ڪندا هوندا.
ٽوئيٽر جي اينڊرائيڊ ۽ ويب ورزن سان واهپيدارن لاءِ پراڻو هوم فيڊ فلحال برقرار هوندو.
ياد رهي ته ان تبديلي بابت ايلون مسڪ گذريل ڏينهن ٻڌايو هو.