سنڌ ۾ مڪاني چونڊون: ڇنڇر تي تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان

news-details

ڪراچي: (جمعو: 13 جنوري 2023ع) سنڌ ۾ 15 جنوري تي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي کي ڏسندي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن جي بندش جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
صوبائي تعليم کاتي موجب سنڌ جا سرڪاري ۽ نجي اسڪول ۽ ڪاليج 14 جنوري ڇنڇر ڏينهن بند رهندا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ عملو اليڪشن ڊيوٽي انجام ڏيندو.
اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سيڪريٽري احمد بخش ناريجي ان حوالي سان باقاعدي طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي صوبائي تعليم کاتي جاري ڪيو آهي.
مڪاني چونڊن کي ڏسندي ٺٽي ضلعي ۾ به سڀاڻي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.