فلپس فخر جي سينچري لوڙهي ڇڏي، ڪيويز ون ڊي سيريز کٽڻ ۾ ڪامياب

news-details

ڪراچي: (جمعو: 13 جنوري 2023ع) نيوزيلينڊ ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1_2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 280 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان فخر زمان 101 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، محمد رضوان 77 ۽ آغا سلمان 45 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 3، لوڪي فرگيوسن 2، بريس ويل ۽ اش سوڌي هڪ _ هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ گهربل هدف 48.1 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
فن ايلن 25، ڊيون ڪونوي 52، ڪين وليمسن 53، ڊيرل مچل 31، ٽام ليٿم 16، سينٽنر 15، بريس ويل 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته گلين فلپس 42 بالن تي 63 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.