چين ۾ هڪ مهيني دوران ڪورونا وگهي 60 هزار مريض فوت

news-details

بيجنگ: (ڇنڇر: 14 جنوري 2023ع) چين جي سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ هڪ مهيني دوران 60 هزار ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا آهن.
چين جي بيورو آف ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سربراهه جياويا هوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته چين ۾ ڪورونا ۾ مبتلا ماڻهن جي اسپتال ۾ داخلا جو انگ گهٽجي ويو آهي.
هن چيو ته چين ۾ڪورونا سبب سخت بيمار ماڻهن ۾ اڪثريت بزرگن جي آهي، ملڪ ۾ 8 ڊسمبر 2022ع کان 12 جنوري 2023ع دوران ڪورونا وگهي 59 هزار نو سئو اٺٽيهه فوتگيون ٿيون.