لاهور: (اڱارو: 17 جنوري 2023ع) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو نئون قسم ايڪس بي بي 1.5 تيزي سان پکڙجڻ جي دعويٰ سامهون آئي آهي.
هڪ نجي يونيورسٽي سان سلهاڙيل وبائي مرضن جي ماهر خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ اومي ڪرون جو ذيلي قسم ايڪس بي بي 1.5 تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جو اهو نئون قسم پکڙجڻ جو انڪشاف جينوم سيڪوئنسنگ ذريعي ٿيو.
وبائي مرضن جي ماهر ڊاڪٽر راڻا جواد اهو خدشو به ظاهر ڪيو ته محدود ٽيسٽنگ سبب ڪورونا جا گهٽ ڪيس سامهون اچي رهيا آهن.
سندس موجب ايڪس بي بي 1.5 دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو سڀ کان تيزيءَ سان پکڙجڻ ۽ لکين ماڻهن کي متاثر ڪندڙ قسم آهي، پاڪستان ۾ خوش قسمتي سان ماڻهو ان قسم سان سخت بيمار نه پيا ٿين.
ياد رهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جون 1865 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 5 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، مجموعي طور تي ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري شرح 0.27 سيڪڙو رهي.