عمران خان گرفتار ٿيو ته سندس تصوير چونڊ وڙهندي: شيخ رشيد

news-details

لنڊن: (جمعو: 20 جنوري 2023ع) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيل منهنجا ساهرا، هٿڪڙي زيور ۽ موت محبوبا آهي، گرفتار ٿيس ته جيل مان چونڊ وڙهندس.
لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته گرفتاري کان نٿا ڊڄون، مردن جيان مقابلو ڪندا آهيون، عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته سندس تصوير چونڊ وڙهندي.
هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا هئا، هاڻ ناهن ته ڇا ڪيون؟ اسٽيبلشمينٽ سان منهنجو 10 مهينن کان ڪو رابطو ناهي، مان سمجهان ٿو ته رابطو هجڻ گهرجي.