بيجنگ: (ڇنڇر: 21 جنوري 2023ع) چين جي هڪ مڃيل سرڪاري سائنسدان چيو آهي ته ملڪ ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو ڪورونا سان متاثر ٿي چڪا آهن.
چائنا سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن جي چيف ايپيڊيمولاجسٽ وو زونيو موجب نئين قمري سال جي موڪلن دوران ماڻهن جي وڏي پئماني تي چرپر وبائي مرض کي اڃا پکيڙي سگهي ٿي پر ويجهي مستقبل ۾ ڪورونا جي ٻي لهر جو امڪان ناهي.
هوڏانهن نيشنل هيلٿ ڪميشن جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته چين اڳ ئي بخار جي ڪلينڪس، ايمرجنسي رومز ۽ نازڪ حالتن ۾ ڪووڊ جي مريضن جي انتهائي حد کي پار ڪري چڪو آهي.
سرڪاري انگن اکرن موجب چين طرفان ڪورونا خاتمي جي پاليسي کي اوچتو ختم ڪرڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ 12 جنوري تائين ڪورونا سبب 60 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو اسپتالن ۾ لاڏاڻو ڪري ويا هئا پر ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي انگ اکر امڪاني طور مڪمل نمائندگي نٿا ڪن، ڇو ته ان ۾ اهي ماڻهو شامل ناهن، جيڪي گهرن ۾ مرن ٿا.