ڪرڪيٽر شان مسعود شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو، ڪنوار سان گڏ تصويرون ۽ وڊيوز وائرل

news-details

پشاور: (ڇنڇر: 21 جنوري 2023ع) قومي ٽيم جي بيٽر شان مسعود شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو آهي جڏهن ته سندس ڪنوار نيشي سان گڏ فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيوآهي.
فوٽوگرافرز طرفان شان جي نڪاح جي تقريب جون شيئر ڪيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار ۽ گهوٽ پيسٽل رنگ جي جوڙي جي چونڊ ڪئي آهي.
شان مسعود جي شاديءَ جي تقريبن جي شروعات گذريل رات نڪاح سان ٿي، تقريب ۾ شان ۽ نيشي هڪٻئي کي منڊيون پارايون جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي رهي آهي.