عمران خان ٻين تي چوريءَ جا الزام مڙهيا پاڻ خيراتي پئسا به کائي ويو: مريم اورنگزيب

news-details

اسلام آباد: (آچر: 22 جنوري 2023ع) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي خواجا آصف تي ساک کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنل سندس بيان تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ثاقب نثار جي صادق ۽ امين شوڪت خان جو ٽي ملين ڊالر خيراتي فنڊ هائوسنگ سوسائيٽي ۾ لڳائڻ جو اعتراف ڪيو، ٻين مٿان چوري جا الزام مرهڻ وارو پاڻ خيرات جي پئسن جي چوري جي ڏوهه جو اعتراف ڪري رهيو آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته ڪوڙو، فراڊي، توشا خانا ۽ زڪوات چور چوي ٿو ته توشاخانا مان چوري ڪئي ته ڇا ٿيو، رياست جا 190 ملين پائونڊ کائي ويو ته ڇا ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان خان جن کي چور چوندو هوته، پاڪستان ته ڇا برطانوي عدالتن ۾ ڪوڙا الزام ثابت نه ڪري سگهيو، عمران خان انڪري عدالت ۾ پيش ناهي ٿيندو ڇو جو جيڪڏهن پيش ٿيو ته سمورن ڏوهن جو اعتراف ڪرڻو پوندس.