ٿڌ 54 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، پارو ڪاٽو 53 تي پهچي ويو

news-details

موهي: (اڱارو: 24 جنوري 2023ع) چيني شهر موهي ۾ هن وقت رت ڄمائي ڇڏيندڙ ٿڌ پئجيي رهي آهي جتي پارو ڪاٽو 53 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪِري پيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي اتر ۾ آباد شهر موهي ۾ رڪارڊ ٽوڙ ٿڌ پئجي رهي آهي، جنهن زندگي جو نظام ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته آچر جي صبح شهر جي ٿڌي ترين صبح طور رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو گرمي پد ڪاٽو 53 ڊگري سينٽي گريڊ هو، جڏهن ته ان کان اڳ 1969 يعني 54 سال اڳ ڪاٽو 52 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو.
رپورٽس موجب چين ۾ هنيئر تائين سڀ کان وڌيڪ ڪاٽو گرمي پد 58 ڊگري سينٽي گريڊ 2009ع ۾ جنهي شهر ۾ رڪارڊ ڪيو ويو هو.