نواز شريف جو راڻا ثناءُالله کي عمران خان جا پول پڌرا ڪرڻ جو ٽاسڪ

news-details

لنڊن: (اڱارو: 24 جنوري 2023ع) لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف، ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُالله ۾ ملاقات ٿي.
ملاقات ۾ پنجاب جي ٻين ضلعن جي صدرن جي اميدوارن جي نالن تي به مشاورت ڪئي وئي ۽ انٽرا پارٽي چونڊن تي به غور ڪيو ويو.
نواز شريف، راڻا ثناءُالله کي پنجاب جي سياست بابت ٽاسڪ ڏنا ۽ هدايت ڪئي ته ايندڙ چونڊن لاءِ پنجاب ۾ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪيو وڃي.
اڳوڻي وزيراعظم گهرو وزير کي مريم نواز سان گڏجي پنجاب ۾ ريلين ۽ جلسن جو به ٽاسڪ ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته عوام کي حقيقتون ٻڌايو ۽ عمران خان جي ڪوڙ جا پول پڌرا ڪيو.