احتجاج جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي وارن کي روڊن تي آڻينداسين: مصطفيٰ ڪمال

news-details

ڪراچي: (خميس: 26 جنوري 2023ع) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته فيبروريءَ جي پهرين هفتي ۾ احتجاج جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي جي ماڻهو روڊن تي آڻينداسين.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي شهري علائقن جا رهواسي سوال ڪري رهيا آهن ته جيڪو ڪجهه هتي ٿي رهيو آهي مُلڪ ۾ ڪٿي به نظر نه پيو اچي.
هن چيو ته هتي آبادي جي انگن اکرن ۾ ڦيرڦار ڪئي پئي وڃي، آبادي ۾ سئو سيڪڙو واڌ ٿي پر 38 سيٽن وڌايون ويون، اڄ اسان سوال ڪيون ٿا ته اسان ڪهڙي درجي جا پاڪستاني آهيون؟ .
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ڪراچي سڀني جو وارو بئنر لڳائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ڇا آصف زرداري کي شهر جون حالتون نظر نٿيون اچن؟ بلاول ڀٽو جيڪڏهن مُلڪ جو وزيراعظم ٿيندو ته ڇا چاهيندو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد وارا سندس خلاف ٿين.