عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ناهي پر سندس بيانن مان لڳي ٿو ته کيس گرفتار ٿيڻ گهرجي: راڻا ثناءُالله

news-details

لنڊن: (جمعو: 27 جنوري 2023ع) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ناهي پر سندس بيانن مان لڳي ٿو ته کيس هڪ ڀيرو گرفتار ٿيڻ گهرجي ته جيئن اسان ڏسي وٺون ته هي ڪهڙو طوفان آڻڻ چاهين ٿا.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته فواد چوڌري خلاف ايف آءِ آر بلڪل درست آهي، جن کي اهو حڪومتي انتقام لڳي رهيو آهي، اهي هڪ ڀيرو وڃي ايف آءِ آر ڏسن، کين خبر پئجي ويندي ته ڪيس اليڪشن ڪميشن طرفان هو.
هن چيو ته سڀاڻي پاڪستان وڃي رهيو آهيان، اڄ نواز شريف سان ميٽنگ آهي، نواز شريف کان هدايتون وٺي مريم نواز جو پهرين فيبروري کان پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جو دورو شروع ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته عمران خان جي گرفتاري جي حق ۾ ناهيان پر هو جنهن قسم جا بيان ڏئي رهيو آهي، منهنجو خيال آهي کيس گرفتار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان ڏسون ته اهي ڪهڙو طوفان آڻڻ چاهين ٿا.