ڪلمو پڙهيو آهي، نماز پڙهڻ فرض ٿي ويو آهي: راکي ساونت

news-details

ممبئي: (جمعو: 27 جنوري 2023ع) بالي ووڊ جي اداڪارا راکي ساونت اسلام قبول ڪرڻ بابت ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هن ڪلمو پڙهي ڇڏيو ۽ نماز پڙهڻ سندس فرض ٿي ويو آهي.
رپورٽ موجب راکيءَ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. جنهن ۾ هن صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هوءَ نماز پڙهندي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته سندس مڙس مسلمان آهي ۽ هن ڪلمو پڙهيو آهي ته نماز پڙهڻ سندس فرض بڻجي ٿو، هوءَ نماز پڙهندي آهي ۽ خدا کان دعا ڪندي آهي، کيس ان کان ڪير روڪي نٿوسگهي.
ياد رهي ته راکي ساونت پنهنجي مڙس عادل دراني سان انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هو4 هني مون کان پهريون عمري جي ادائيگي لاءِ ويندي. راکي ساونت جي عادل دراني سان ٻي شادي آهي جڏهن ته سندس پهرين شادي بگ باس 15 جي اداڪار رتيش سنگهه سان ٿي هئي.
ياد رهي ته راکي ساونت عادل خان سان شادي کان اڳ اسلام قبول ڪيو هو جڏهن ته پنهنجو نالو تبديل ڪري فاطما رکيو هو.