فواد چوڌري جي پيشيءَ تي سندس گهرواري حبا چوڌري پوليس سان وچڙي پئي

news-details

اسلام آباد: (جمعو: 27 جنوري 2023ع) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سندس زال حبا چوڌري پوليس سان وچڙي پئي.
پوليس فواد چوڌري کي هٿڪڙي لڳائي ۽ مٿان چادر وجهي عدالت ۾ آندو، جنهن تي حبا چوڌري اهلڪارن سان تڪرار ڪندي چيو ته منهنجي مڙس تي چادر نه وڌي وڃي.
هن چيو مڙس کي وڌيڪ رمانڊ تي موڪليو ويو ته احتجاج ڪنداسين، فواد چوڌري کي جيل موڪليو ويو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فواد چوڌري تي تشدد جو علم ناهي، کيس ڪپڙو وجهي ۽ هٿڪڙيون لڳائي نه آڻڻ گهرجي، هو دهشتگرد آ ڇا جو کيس ائين پيش ڪيو پيو وڃي.