news-details

ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائن، برسات جا امڪان: موسميات کاتو

ڪراچي: (جمعو: 27 جنوري 2023ع) ڪراچي موسميات کاتي ڪراچي ۾ بوندا باندي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، اڄ اتر اوڀر کان تيز هوائون گهلنديون رهنديون، شهر ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي ڪجهه هنڌن تي بوندا باندي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڇنڇر تي گهٽ کان گهٽ پارو 10 کان 8 ڊگري ۽ آچر ڏينهن 11 کان 9 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته جڪيب آباد، قمبر _شهدادڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي هلڪي برسات جو امڪان آهي، گڏوگڏ ٺٽي، حيدرآباد، ٽنڊي الهيار سميت ٻين علائقن ۾ بوندا باندي ٿي سگهي ٿي.