اسرائيل بي ڏوهه فلسطينين جو قتل عام جاري رکيو پيو اچي: وزيراعظم جي مذمت

news-details

اسلام آباد: (جمعو: 27 جنوري 2023ع) وزيراعظم شهباز شريف والاريل اولهه ڪناري اسرائيلي فوج جي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته والاريل اولهه ڪناري ۾ پيرسن عورت سميت 10 فلسطينين جو قتل مذمت جوڳو آهي.
هن چيو ته اسرائيل بي ڏوهه فلسطينين جو قتل عام جاري رکيو پيو اچي، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ٻه رياستي حل سان ئي ممڪن آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان فلسطين جي ماڻهن سان گڏ بيٺو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيلي فورسز والاريل اولهه ڪناري جي جنين ڪئمپ تي حملو ۽ عورت سميت 10 فلسطينين کي شهيد ڪيو هو.