ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو في تولو 2 لک رپيا ٿي ويو

news-details

ڪراچي: (جمعو: 27 جنوري 2023ع) ملڪ ۾ سون جو اگهه نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو في تولو 2 لک رپيا ٿي ويو آهي.
اڄ سون جو اگهه 7 هزار رپيا في تولي واڌ کانپوءِ 2 لک 2 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون جو اگهه 6 هزار رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 73 هزار 610 رپيا ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 6 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1936 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.