راڪي ساونت جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

news-details

ممبئي: (ڇنڇر: 28 جنوري 2023ع) بالي ووڊ جي مشهور رقاصا راکي ساونت جي ماءُ گذاري وئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب راکي جي ماءُ ڪينسر ۽ برين ٽيومر سان ڊگهو عرصو جهيڙيندي رهي نيٺ جنگ هارائي وئي.
رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آيه ته راکيءَ جي ماءُ ممبئي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي جتي اڄ هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي.
اداڪارا ڀارتي ميڊيا کي ماءُ جي فوتگيءَ جي تصديق ڪئي آهي.
راکي ساونت پنهنجي ماءُ جي گهڻو ويجهو هئي ۽ ماءُ جي سار سنڀال لاءِ اسپتال ۾ رهندي هئي.
گذريل ڏينهن ۾ اداڪارا ماءُ جو علاج ڪرائڻ تي سلمان کان جا ٿورا به مڃيا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ ئي راکي ساونت ماءُ جي خواهش تي ويجهي دوست عادل دراني سان شادي ڪئي هئي.
هن اسلام قبول ڪري نڪاح ڪيو هو.