بيلجيئم کي شڪست ڏئي جرمني هاڪي جي دنيا جو نئون حڪمران بڻجي ويو

news-details

ممبئي: (آچر: 29 جنوري 2023ع) جرمني بيلجيئم کي هارائي ٽيون ڀيرو هاڪي ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.
ڀارت ۾ کيڏيل ايف آءِ ايڇ هاڪي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ جرمني بيلجيئم کي پنالٽي شوٽ آئوٽ تي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
جرمني ۽ بيلجيئم وچ ۾ مقرر وقت ۾ مقابلو ٽن، ٽن گولن تان برابر رهيو، ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ پنالٽي شوٽ آئوٽ جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ جرمني 4_5 تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
ياد رهي ته سڀ کان وڌيڪ چار ڀيرا هاڪي ورلڊ ڪپ کٽڻ جو اعزاز پاڪستان وٽ آهي، پاڪستان آخري ڀيرو هاڪي ورلڊ ڪپ 1994 ۾ کٽيو هو.