غير ضروري پيغامن مان تنگ صارفين لاءِ ٽڪ ٽاڪ پاران اهم فيچر متعارف

news-details

اسلام آباد: (سومر: 30 جنوري 2023ع) ٽڪ ٽاڪ خاموشي سان هڪ اهم فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن ذريعي صارفين کي غيرضروري پيغامن کان بچڻ ۾ مدد ملي سگهندي.
ٽڪ ٽاڪ طرفان ايپ جي ڊائريڪٽ ميسجنگ واري سيٽنگز جي حوالي سان نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن تحت واهپيدار اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪري سگهندا جن جا پيغام هو ڏسڻ چاهن ٿا.
هاڻي ٽڪ ٽاڪ جي ڊائريڪٽ ميسجز ۾ ايوري ون، سجيسٽڊ فرينڊز، ميچوئل فرينڊز ۽ نو ون جهڙا آپشنز ڏنا ويا آهن.
ڪمپني موجب جيڪڏهن ڪو صارف ايوري ون آپشن جي چونڊ ڪندو ته ان جو مطلب آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم استعمال ڪرڻ وارو هر فرد اوهان کي سڌو سنئون پيغام موڪلي سگهي ٿو.
پر جن ماڻهن کي اوهان فالو نٿا ڪيو انهن جا پيغام ميسجز ريڪوئسٽس فلوڊر ۾ شو ٿيندا.
جيڪڏهن طرفان سجيسٽڊ فرينڊز آپشن جي چونڊ ڪئي ويندي ته ان مطلب آهي ته فيسبڪ يا فون ڪانٽيڪٽس تان ريڪومينڊ ڪيل ماڻهو سڌو سنئون پيغام موڪلي سگهن ٿا.
ميچوئل فرينڊز جي آپشن جو مطلب اهو آهي ته هڪٻئي کي فالو ڪرڻ وارا ماڻهو سڌو سنئون ميسجز اماڻي سگهن ٿا.
جيڪڏهن اوهان نوون جي آپشن جي چونڊ ڪندئو ته پوءِ ڪير به اوهان کي سڌو سنئون پيغام نه موڪلي سگهندو.
هن فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ اوپن ڪري هوم اسڪرين تي هيٺ پروفائل آئيڪون تي ڪلڪ ڪيو.
ان کانپوءِ مٿي مينيو بٽڻ تي ڪلڪ ڪري سيٽنگز اينڊ پرائيويسي ۾ وڃو ۽ وري پرائيويسي واري آپشن جي چونڊ ڪيو.
اتي اوهان هيٺ ڊائريڪٽ ميسجز جي آپشن تي ڪلڪ ڪري ڄانايل فيچر استعمال ڪري سگهو ٿا.
نئين فيچر ذريعي ٽڪ ٽاڪ طرفان انسٽاگرام کي ان شعبي ۾ به ٽڪر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪمپني پاران آئي ڏينهن نوان فيچرز آڻڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي ته جيئن صارفين جو گهڻو وقت هن ايپ تي گذري.