اسلام آباد: (سومر: 30 جنوري 2023ع) صحت جي عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) چيو آهي ته ڪووڊ 19 وبا اڃا به عالمي ايمرجنسي آهي.
ڪووڊ 19 کي عالمي هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏيڻ جا ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن.
صحت جي عالمي اداري جي ايمرجنسي ڪيمٽي 30 جنوري 2020ع تي ڪووڊ 19 کي عالمي ايمرجنسي قرار ڏنو هو، جنهن جو مقصد ان حوالي سان تحقيق ۽ احتياطي اپاءَ وٺڻ وارن عمل کي تيز ڪرڻ هو.
هاڻي ان سلسلي ۾ صحت جي عالمي اداري طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايمرجنسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو وري چيو ويو ته ڪووڊ جي وبا اڃا به عالمي بحران آهي.
بيان موجب ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ڪووڊ جي وبا جي حوالي سان ايمرجنسي ڪميٽي جي ڏنل مشورن سان متفق آهيون.
بيان ۾ ٻڌايو آهي ته جنرل ڪميٽي جي ڊائريڪٽر جي ان خيال کي تسليم ڪيو ته ڪووڊ جي وبا اڃا تبديلي جي مرحلي مان گذري رهي آهي ۽ مشوري کي ساراهيو ته ان عمل دوران احتياط سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ناڪاري نتيجن کان بچي سگهجي .
ان کان اڳ 27 هين جنوري تي صحت جي عالمي اداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته گذريل هفتي اٽڪل 40 هزار فوتگيون ڪووڊ جي نتيجي ۾ رپورٽ ٿيون هيون.