نيپرا ڪراچي واسين لاءِ بجلي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (اڱارو: 31 جنوري 2023ع) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ بجلي 10 رپيا 80 پئسا سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نيشنل پاور ريگوليٽري اٿارٽي نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسمبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٿارٽي کي بريفنگ ڏني وئي ته ڊسمبر ۾ ڪي اليڪٽرڪ فرنس آئل کپت گهٽ رهي، فرنس آئل ۽ ايل اين جي جي قيمت به گهٽ هئي، ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست موجب بجلي سستي ٿيڻ سان ڪراچي جي صارفين کي 12 ارب رپين کان وڌيڪ رليف ملندو.
سي ايف او ڪي اليڪٽرڪ چيو ته ادارو سولر ۽ ونڊ تي بجلي منصوبا لڳائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
ٻڌڻي کانپوءِ نيپرا چيئرمين توصيف احمد ايڇ فاروقي ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ في يونٽ بجلي 10 رپيا 80 پئسا سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ان سان ڪي اليڪٽرڪ صارفين کي اٽڪل 11 ارب رپين جو رليف ملندو.
نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ صارفين کي ڊسمبر ايڊجسٽمنٽ تحت رليف ڏنو ويو آهي.