ٽوئيٽر تي ادائگي جون خدمتون متعارف ڪرائڻ طرف پيش رفت

news-details

نيويارڪ: (اڱارو: 31 جنوري 2023ع) ٽوئيٽر سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ادائيگي جي خاصيت متعارف ڪرائڻ جي منصوبي تي اڳڀرائي ڪئي آهي.
فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ ۾ ڪمپني ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ٽوئيٽر جي سي اي او ايلون مسڪ ٽوئيٽر جي آمدني کي وڌائڻ لاءِ نئين منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي.
رپورٽ موجب ٽوئيٽر آمريڪا ۾ ريگيوليٽري لائسنس حاصل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن پيئٽ سروسز کي ايپ جو حصو بڻايو وڃي.
ٽوئيٽر پهريان نومبر 2022 ۾ ادائيگي جي خدمتن لاءِ آمريڪي خزاني واري کاتي سان رجسٽرڊ ڪيو هو ۽ هاڻي لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.
ڪمپني کي اميد آهي ته لائسنس جي عمل کي هڪ سال اندر مڪمل ڪيو ويندو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي.
ياد رهي ته ايلون مسڪ نومبر 2022ع ۾ ادائيگي واري نظام کي ٽوئيٽر جو حصو بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.
ان موقعي تي هن چيو ته ٽوئيٽر جي ادائيگي واري نظام کي بينڪ اڪائونٽس ۽ ڊيبٽ ڪارڊ سان ڳنڍيو ويندو.
ايلون مسڪ چيو آهي ته ٽوئيٽر بليو سبسڪرپشن پلان سان، صارف پليٽ فارم کي ادائگي لاء استعمال ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي پئسا موڪلڻ جي قابل هوندا.
هن وڌيڪ چيو ته صارف پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ ٽوئيٽر سان ڳنڍي سگهندا ۽ ايندڙ مرحلي ۾ ڊيبٽ ڪارڊ ۽ چيڪ شامل ڪندي کين وڌيڪ فيچر فراهم ڪنداسين.
ايلون مسڪ پڻ مشهور سروس پي پال جو گڏيل باني رهيو آهي ۽ اهڙي ادائگي جي نظام بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو.
جيڪڏهن پروجيڪٽ ڪامياب ٿئي ٿو، اهو ايلون مسڪ جي ٽوئيٽر کي سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي ۾ هڪ قدم اڳتي وڌندو.
هو ڊگهي عرصي کان ٽوئيٽر کي هڪ سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جتي صارف هڪ ئي جڳهه تي اي ڪامرس، فنانس ۽ ٻيون خدمتون حاصل ڪري سگهن ٿا.