چين ۾ تباهي مچائيندڙ ڪورونا جو نئون قسم پاڪستان پهچي ويو

news-details

اسلام آباد: (اڱارو: 31 جنوري 2023ع) چين ۾ وڏي پئماني تي تباهي مچائيندڙ ڪورونا جي نئين ويرينٽ بي ايف 7 جي ڪراچي ۾ موجودگي جي تصديق ٿي وئي.
صحت کاتي جي ذريعن موجب پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي بي ايف 7 جو پهريون ڪيس ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ سامهون آيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وائرس جي سيڪوئنسنگ کانپوءِ تصديق ٿي آهي، اهو پاڪستان پهچندڙ پهريون ڪيس آهي.
صحت جي ماهرن موجب نئون ويرينٽ هڪ کان ٻئي انسان ۾ تيزيءَ سان پکڙجندو آهي ۽ ان چين ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي.