مبينه ڌيءَ ٽيريان کي ظاهر نه ڪرڻ جو ڪيس: عمران خان عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (اربع: 01 فيبروري 2023ع) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مبينه ڌيءَ ٽيريان کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر نه ڪرڻ واري ڪيس کي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. مبينه ڌيءَ ٽيريان کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر نه ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامزد تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نااهلي ڪيس ۾ شروعاتي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي ڪيس کي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪندي موقف پيش ڪيو آهي ته بطور اسيمبلي ميمبر آفيس ڇڏي چڪو آهيان ان لاءِ منهنجي خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي. عمران خان پنهنجي جواب ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هن درخواست کي نٿي ٻڌي سگهي. ڇو ته ساڳئي عدالت هن ڪيس جي حوالي سان اڳ به فيصلو ڪري چڪي آهي. ٽيريان وائٽ نااهلي جي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي. هاءِ ڪورٽ جا 4 جج هن معاملي کي ٻڌڻ کان معذرت ڪري چڪا آهن. عبدالوهاب بلوچ هن معاملي تي پهريان درخواست داخل ڪئي هئي. پهرين آگسٽ 2018 تي جسٽس عامر فاروق هن ڪيس کي ٻڌڻ کان معذرت ڪري چڪو آهي جيڪو جج اڳ ڪيس کان معذرت ڪري چڪو آهي اهو ٻيهر ان کي نٿو ٻڌي سگهي.
واضح رهي ته ساجد نالي شهري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موقف پيش ڪيو آهي ته عمران خان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت غلط ڄاڻ ڏني هن ٻارن جي تفصيلن ۾ پنهنجن ٻن ٻارن جو ذڪر هن ڌيءَ جي ڄاڻ کي لڪايو.
درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ حسنين دستاويزن جو حوالو ڏيندي چيو ته عدالت هن معاملي کي ڏسي سگهي ٿي، عمران خان هميشه انڪار ڪندو آيو آهي ته منهنجي ڪابه ڌيءَ نه آهي. پر هن ڪيليفورنيا ۾ جيڪو حلفي بيان جمع ڪرايو آهي ان جي اسان تصديق ٿيل ڪاپي گهرائي آهي جيڪا چيف جسٽس آڏو پيش ڪئي وئي آهي. ڇو ته حلفي بيان لاهور مان تيار ٿي ويو هو ان لاءِ پاڪستاني عدالت هن ڪيس کي ٻڌي سگهي ٿي.