عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري پاڪستان کي گروي رکي ڇڏيو: مريم نواز

news-details

بهاوالپور: (اربع: 01 فيبروري 2023ع) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عمران خان عالمي مالياتي اداري سان معاهدو ڪري پاڪستان کي گروي رکي ڇڏيو. ملڪ وٽ هاڻ نوازشريف ۽ ن ليگ کان سواءِ ٻئي ڪابه چوائس نه آهي.
بهاولپور ۾ مسلم ليگ(ن) جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پارٽي جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته منهنجي عهدي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. مان عهدن جو محتاج نه آهيان، عوام جي محبت منهنجي لاءِ وڏو سرمايو آهي. عوام جي محبت کي وساري نٿي سگهان.
مريم نواز چيو ته عمران خان جي چئن سالن جي جبر واري دور ۾ ن ليگي ڪارڪنن وفا نڀائي، جهڙين حالتن مان ملڪ گذريو اسان کي شڪر ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان بچي ويو. عمران خان عالمي مالياتي فنڊ سان سخت معاهدو ڪري واعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. عمران خان پاران آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙڻ جو حرجاڻو قوم ڀوڳي رهي آهي. پيٽرول، ڊيزل مهانگو ڪرڻ جي پٺيان عمران خان جا آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدا آهن.
(ن) ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته نوازشريف ۽ شهباز شريف پاڪستان کي سريلنڪا بنجڻ کان بچايو آهي. مون کي خبر آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، بجلي، ماني مهانگي آهي. مهانگائي سبب نوازشريف لنڊن ۾ به پريشان آهي. ٿورو سوچيو هنن پنجن ماڻهن جو ٽولو ويٺل هجي ها ته پاڪستان جو ڪهڙو حال هجي ها. عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري پاڪستان کي گروي رکي ڇڏيو. معاهدو غلط ڪيو ويو. هنن کي جڏهن ڪرسي ويندي نظر آئي ته هنن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي.
مريم نواز چيو ته پاڪ فوج جانين جا نذرانا ڏئي دهشتگردي مان ملڪ جي جان ڇڏي هئي، پشاور ۾ ٻيهر دهشتگردي جو واقعو ڇو ٿيو؟ سموري ملڪ ۾ حڪومتون عمران خان جون ۽ وري الزام شهباز شريف تي هنيو وڃي ٿو. شرم ڪريو، هن پهريان آمريڪا تي الزام لڳايو، پوءِ آمريڪا کان معافي گهري ورتي. جيڪڏهن نوازشريف ئي مسئلن جو سبب هو ته چئن سالن ۾ ٻيهر کير جون نديون وهڻ گهرجن ها. 2018 کان 2022ع تائين عمران خان ملڪ کي ٽوڙيو، هاڻ ن ليگ ان گهر جي مرمت ڪري رهي آهي. ملڪ وٽ هاڻ نوازشريف ۽ (ن) ليگ کان سواءِ ٻئي ڪابه چوائس ناهي.
مريم نواز چيو ته(ن) ليگ لاءِ وڏو آسان هو ته اسان چونڊن طرف هليا وڃون ها. هن وقت جيڪڏهن اسان چونڊن ۾ وڃون ٿا ته وڏي اڪثريت سان کٽي اينداسين. ن ليگ سوچي سمجهي فيصلو ڪيو. نوازشريف 2016 ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام پورو ڪري خدا حافظ چئي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ ڪنهن آءِ ايم ايف کي پاڪستان ۾ واپس وٺي آيو، نوازشريف جي دور جا 9 سال جيڪڏهن ڪڍي ڇڏيون ته صرف کنڊر ئي بچن ٿا.