شاداب خان جي شاديءَ جي تقريبن جون تاريخون سامهون اچي ويو

news-details

لاهور: (اربع: 01 فيبروري 2023ع) قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان جي شادي کانپوءِ ڄڃ ۽ وليمي جون تاريخون سامهون اچي ويون آهن.
گذريل هفتي شاداب خان جو نڪاح پاڪستان ٽيم اڳوڻي ڪوچ ثقلين مشتاق جي ڌيءَ سان ٿيو هو، جنهن جو اطلاع شاداب پنهنجن مداحن کي ٽوئيٽر تي ڏنو هو.
هاڻي شاداب جي ڄڃ ۽ وليمي جون تاريخون سامهون آيون آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شاداب جي شادي جون تقريبون 9 ۽ 10 فيبروري تي اسلام آباد ۾ رٿيون ويون آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب شاداب خان جي ڄڃ ۽ شادي جون تقريبون شاهين آفريدي جي نڪاح کانپوءِ منعقد ڪيون وينديون.
ياد رهي ته شاهين جو نڪاح اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڌيءَ انشا آفريديءَ سان 3 فيبروري تي رٿيل آهي.