منهنجي شادي خطري ۾ آهي: راکي ساونت جون دانهون

news-details

نئين دهلي: (خميس: 02 فيبروري 2023ع) ڀارتي ڊانسر راکي سانوت چيو آهي ته منهنجي شادي خطري ۾ آهي.
راکي جي ماءُ جي لاڏاڻي کانپوءِ هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن صحافين کي ٻڌايو ته مان ڏاڍي پريشان آهيان، منهنجي شادي خطري ۾ آهي، مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ مان توهان کي ڪجهه نٿي ٻڌائي سگهان، وقت اچڻ تي سڀ سامهون اچي ويندو.
هن چيو ته مان خدا کان دعا گهري رهي آهيان، نيٺ مان ماڻهن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ اڳ ۾ ماءُ هلي وئي ۽ هاڻ هي سڀ ٿي رهيو آهي.
راکي هٿ ٻڌي جذباتي انداز ۾ درخواست ڪئي ته ظلم نه ڪيو، شادي ڪو ڀوڳ ناهي، منهنجي شادي شدا زندگي ۾ اچي ڪنهن کي ڇا ٿو ملي.
ياد رهي ته گذريل مهيني راکي سانوت عادل خان سان نڪاح جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي پنهنجي شادي جو اعلان ڪيو هو، گڏوگڏ هن ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيڻ جي وڊيو به شيئر ڪئي هئي.