آءِ ايم ايف جو بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي غير تسلي بخش قرار

news-details

اسلام آباد: (خميس: 02 فيبروري 2023ع) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) آءِ ايم ايف بجلي جي سرڪاري ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو.
آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان حڪومت ۾ ڳالهين جو ٽيون ڏينهن آهي، ڌرين ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهيون مڪمل ٿيڻ تي پاليسي ڳالهين جي شروعات ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف بجلي جي سرڪاري ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڊسڪوز جي 100 سيڪڙو بل وصولي ۾ ناڪامي ۾ سخت خدشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته حڪومتي ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ بنا گردشي قرض جو خاتمو ممڪن ناهي، 100 سيڪڙو بل وصولي بنا پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ختم نٿو ٿي سگهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف 3 ڊسڪوز کانسواءِ سڀني ڊسڪوز جي ڪارڪردگي کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي حڪومت کي ڊسڪوز طرفان بجلي بل وصولي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف گردشي قرض مئنيجمينٽ پلان جا هدف، بجلي ٽيرف ۾ سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ صنعتي شعبي جي ٽيرف سبسڊي جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي.