آءِ ايم ايف پاڪستان سامهون نوان مطالبا رکي ڇڏيا

news-details

اسلام آباد: (خميس: 02 فيبروري 2023ع) پاڪستان سان ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف نوان مطالبا سامهون رکي ڇڏيا.
آءِ ايم ايف جي نون مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته 17 هين گريڊ يا ان کان مٿي جي آفيسرن ۽ انهن جي گهر وارن جا اثاثا ڊڪليئر ڪيا وڃن.
ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اثاثن تائين پهچ لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪيون وينديون، اسٽيٽ بئنڪ، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ ايف بي آر گڏجي ڪم ڪندا.
ٽيڪنيڪي ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ 100 سيڪڙو بل وصولي ۾ ناڪامي تي خدشن جو اظهار ڪيو.
آءِ ايم ايف حڪومت کان وصولي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، بجلي ٽيرف ۾ سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ صنعتي شعبي جي ٽيرف سبسڊي جي خاتمي جو به مطالبو ڪيو ويو.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته 100 سيڪڙو بل وصولي ۽ حڪومتي ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ بنا گردشي قرض جو خاتمو ممڪن ناهي.