ڪراچي: (جمعو: 03 فيبروري 2023ع) قومي ڪرڪيٽر شاهين آفريدي ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڌيءَ انشا جي شادي ٿي وئي.
شاهين آفريدي جي شادي شاهد آفريدي جي ڌيءَ انشا سان ڪراچي جي مقامي مسجد ذڪريا ۾ ٿيو، نڪاح مولانا عبدالستار پڙهايو، جڏهن ته رخصتي پوءِ ٿيندي.
تقريب ۾ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر عاصم سليم باجوا، اسڪواش ليجنڊ جهانگير خان، پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم، اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد، نسيم شاهه ۽ شاداب خان به شرڪت ڪئي.