ڪوئيٽا: (ڇنڇر: 04 فيبروري 2023ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي بلوچستان پوليس جو خير سگالي سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
بلوچستان پوليس طرفان نسيم شاهه کي اعزازي ڊي ايس پي بڻايو ويو آهي.
ان حوالي سان تقريب آءِ جي بلوچستان پوليس آفيس ڪوئيٽا ۾ ٿي، جنهن ۾ نسيم شاهه کي باضابطا طور پوليس جي وردي پارائي وئي ۽ رينڪ به لڳايا ويا.