رتوديرو ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن پيءُ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

news-details

رتوديرو(ڇنڇر:20 مئي 2023ع) رتيديري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ موسيٰ جي وانڍ ۾ گهانگهرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ قتل ٿي ويا آهن.


مارجي ويلن جي سڃاڻپ حاجي دريا خان ۽ منير گهانگهرو طور ٿي آهي. رابطو ڪرڻ تي رتوديرو پوليس جو چوڻ آهي ته گهانگهرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي جڏهن ته مقتولن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن رتوديرو پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي.