news-details

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جون تباهيون، 12 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت، هزارين زخمي

انقره: (سومر: 06 فيبروري 2023ع) ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ 7.9 شدت جي زلزلي سبب شام ۽ ترڪيه ۾ 1200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت جڏهن ته هزارين زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب متاثر علائقن ۾ زلزلي کان پوءِ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي. زلزلي سبب هينئر تائين جي اطلاعن موجب شام ۾386 ۽ ترڪيه ۾ 912 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. اختيارين زلزلي سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. زلزلي سبب هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. ترڪ صدر رجب طيب اردگان هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شام ۾ به زلزلي جي جهٽڪن دوران ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پيون آهن.
آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 7.9 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ترڪي جي ڏکڻ وارو علائقو هو. زلزلي جي اونهائي 17 ڏهائي 9 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جا لوڏا هڪ منٽ تائين محسوس ڪيا ويا. قبرص، يونان، اردن ۽ لبنان تائين زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي دوران ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪيءَ ۽ شام جي عوام سان گڏ آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف پاران به زلزلي ۾ جاني نقصان تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مشڪل گهڙي ۾ ترڪ حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون.
ياد رهي ته ترڪيه ۾ 1939ع ۾ به 7.8 شدٽ جو زلزلو آيو هو جنهن ۾ 30 هزار ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا هئا. ترڪيه ۾ 25 سالن دوران 7 يا ان کان وڌيڪ شدت جا 7 زلزلا آيا آهن.
ٻئي طرف آمريڪي صدر جوبائيڊن ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرعلائقن ۾ مدد جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وائٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي رپورٽن تي سخت ڳڻتي آهي. اسان هر طرح جي امداد ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. آمريڪي صدر جوبائيڊن يو ايس ايڊ ۽ وفاقي حڪومت جي ادارن کي زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ مدد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.