ڪراچي: (اڱارو: 07 فيبروري 2023ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سيڪيورٽي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
سيڪيورٽي اختيارين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عمارت جي اندروني حصن ۾ به سيڪيورٽي وڌائيندي ريپڊ ريسپانس فورس (آر آر ايف) جي اهلڪارن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان کانسواءِ عدالت ٻاهران رينجرز جي نفري به وڌائي وئي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي داخلي رستن تي گاڏين جي تلاشي به ورتي پئي وڃي.
ياد رهي ته گذريل هفتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ عدالت عاليا جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.