news-details

ڪراچي ۾ مبينا زهريلي گئس سان فوت ٿيندڙن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي: (اڱارو: 07 فيبروري 2023ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي مواڇ ڳوٺ ۾ مبينا زهريلي گئس سان فوتگين جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هر فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مواڇ ڳوٺ ۽ ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس سان فوتگين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا پيش ٿيا.
چيف جسٽس آءِ جي کان پڇاڻو ڪيو ته هيل تائين ڪيترا ماڻهو فوت ٿيا آهن؟ آءِ جي ٻڌايو ته 18 فوت ٿيا آهن، جيڪو اسان وٽ آيو اسان ڪيس داخل ڪيو.
چيف جسٽس چيو اهو هڪ سنگين ڏوهه آهي، سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، اڳ به واقعو ٿي چڪو آهي، اسان چيو هو ايس ايس پي رينڪ جي آفيسر کان جاچ ڪرائي وڃي، هر فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي.
چيف جسٽس جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته پوسٽ مارٽم ڪرايو هو؟ جنهن تي جاچ آفيسر وراڻيو ته هڪ جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي.
جاچ آفيسر جي ڪارڪردگي تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آءِ جي صاحب، توهان جي موجودگي ۾ هي جاچ جو معيار آهي.
درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته جيڪا فيڪٽري سيل ڪئي وئي هئي، اها ڊي سي ٻيهر کولي ڇڏي آهي.
جسٽس يوسف علي سعيد چيو ته ڪيس ٿيو، جاچ ٿي، ان کانپوءِ فائل بند، ائين نه ٿيڻ گهرجي.
ڊي سي ڪياماڙي مختيار ابڙي چيو ته مان فيڪٽري کولڻ جي اجازت نه ڏني، اسان ماڻهن کي چيو قبرن جو ٻڌايو وڃي، ماڻهو اسان کي قبرن جو ئي نٿا ٻڌائين.
چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن جي پوسٽنگ ئي نه ٿيڻ گهرجي، نااهلن کي هٽايو، اهو انساني زندگي جو الميو آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آءِ جي چيو ته عدالت جاچ لاءِ سينيئر ليول جي ٽيم ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ موت جا ڪارڻ ڄاڻڻ جو چيو آهي، واقعي جو الڳ ڪيس داخل ڪنداسين.
هن چيو ته جيڪڏهن جاچ آفيسر طرفان دير ٿي ته ڪارروائي ڪنداسين، واقعي ۾ هڪ شخص گرفتار آهي، 4 ضمانت ورتي آهي.