news-details

شهباز شريف پاران ترڪي ۾ زلزلي متاثرن جي امداد لاءِ رليف فنڊ قائم

اسلام آباد: (اڱارو: 07 فبيروري 2023ع) وزيراعظم شهباز شريف ترڪي ۾ زلزلي متاثرن جي امداد لاءِ رليف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو.
پڌرائيءَ موجب وزيراعظم شهباز شريف ترڪي ۾ زلزلي متاثرن جي امداد لاءِ رليف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا پنهنجي هڪ مهيني جي پگهار عطيو ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو، 18 هين کان 22 هين گريڊ تائين آفيسر هڪ ڏينهن جي پگهار عطيو ڪندا.
شهباز شريف چيو ته ترڪي 2022 جي تاريخي ٻوڏ ۾ پاڪستاني ڀائرن جي وڏي مدد ڪئي، اسان مصيبت جي هن گهڙي کي انهن ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين، مان پاڻ زلزلي متاثر علائقن جي دوري لاءِ ترڪي وڃي رهيو آهيان.
سندس چوڻ هو ته ريسڪيو ٽيمون تڪڙين امدادي سرگرمين ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ ترڪي روانيون ڪيون ويون، زلزلي متاثر ڀائرن جي پاڪستان هر ممڪن مدد ڪندو.